Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت فرعون جي ڌيءَ درياءَ تي وهنجڻ آئي. سندس ٻانهيون درياءَ جي ڪناري تي گھمڻ لڳيون. اوچتو فرعون جي ڌيءَ جي نظر انهيءَ ٽوڪري تي پيئي. هن پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪليو تہ اهو کڻي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 2:5
12 Iomraidhean Croise  

جابلو ڪانوَ هن کي صبح شام ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا ۽ هو ان برساتي نهر مان پاڻي پيئندو هو.


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


بيشڪ اي خداوند! تون مظلومن جي جاءِ‌پناهہ آهين. تون ئي مصيبت جي وقت تي سندن محفوظ قلعو آهين.


جڏهن هن اهو کوليو تہ ڏٺائين تہ ان ۾ هڪ ڇوڪرو هو جيڪو رنو پئي. کيس انهيءَ ٻار تي رحم آيو ۽ چوڻ لڳي تہ ”هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.“


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀاڻي صبح جو سوير جڏهن فرعون درياءَ تي اچي تہ اڳ وٺي ساڻس ملجانءِ. کيس مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


خداوند هڪڙي وڏي مڇيءَ کي مقرر ڪيو، جيڪا يونس کي ڳهي ويئي. يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون انهيءَ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو.


پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو.


پوءِ جڏهن ماءُ پيءُ کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan