Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگھي، تڏهن ڪانن جو هڪڙو ٽوڪرو ٺاهيائين جنهن کي رال ۽ ڏامر لڳائي ٻار کي انهيءَ ۾ رکي اهو درياءَ جي ڪناري تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 2:3
10 Iomraidhean Croise  

اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو.


سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا.


تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪ ٻيڙو ٺاهج، انهيءَ ٻيڙي ۾ ڪوٺيون ٺاهج ۽ ٻيڙي کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳائج.


تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“


اتان سمنڊ جي رستي ايلچي ٿا اچن، يعني پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هلندڙ ڪانن جي جهازن ۾. اي تيز رفتار قاصدؤ! اوهين خداوند جو پيغام کڻي موٽي پنهنجي قوم وٽ وڃو، جنهن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي. انهيءَ جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن.


انهيءَ مان نڪرندڙ نهرن جي سُڪندڙ پاڻيءَ مان بدبوءِ پيئي ايندي، بلڪ نيل مان نڪرندڙ سڀ واهہ سڪي خشڪ ٿي ويندا، ۽ ڪانا ۽ سَرَ ڪومائجي ويندا.


رُڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ سڪل ٺوٺ زمين منجھان پاڻيءَ جا چشما جاري ٿيندا. جنهن بيابان ۾ ڪڏهن گدڙن جي جُوءِ هوندي هئي، اتي ندين جي ڪناري ٻُوڙا ۽ ڪانا اڀري ايندا.


جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan