Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اها عورت پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. جڏهن هن ڏٺو تہ ٻار سهڻو آهي تڏهن کيس لڪائي رکيائين. ائين کيس ٽي مهينا گذري ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 2:2
8 Iomraidhean Croise  

انهيءَ کان پوءِ هو پنهنجي دائيءَ سان خداوند جي هيڪل ۾ ڇهہ سال لڪل رهيو جڏهن تہ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.


اهي رحمدل ماڻهو ڪيڏا نہ ڀلا آهن! جيڪي خوشيءَ سان ضرورتمندن کي قرض ڏين ٿا، ۽ پنهنجو ڏيتي ليتيءَ جو ڪم سچائيءَ سان ڪن ٿا.


عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا.


انهيءَ ئي وقت موسيٰ ڄائو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماءُ پيءُ جي گھر ۾ پليو.


شال سندن ديس عمدين عمدين شين سان ڀرپور هجي، هائو، تنهن جي ئي برڪت سان جنهن ٻرندڙ ٻوڙي مان ٿي ڳالهايو. شال خداوند جي خيرخواهيءَ جي برڪت بني يوسف تي نازل ٿئي، هائو، اهو ئي يوسف جيڪو پنهنجي ڀائرن جو سردار هو.


ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو بادشاهہ جي انهيءَ حڪم جي خلاف‌ورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي.


سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan