1 ان عرصي ۾ لاوي قبيلي جي هڪڙي ماڻهوءَ وڃي پنهنجي قبيلي جي هڪڙيءَ عورت سان شادي ڪئي.
1 پوءِ لاويءَ جي فرقي جي هڪڙي ماڻهوءَ، ساڳئي فرقي جي هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.
جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.
پر تڏهن هدد جيڪو اڃا ننڍو ٻار هو، سو پنهنجي پيءُ جي ڪن ادومي عملدارن سميت مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو هو.
عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا.