Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 19:6
37 Iomraidhean Croise  

آءٌ تنهنجو ٻانهو تنهنجي ئي چونڊيل قوم مان آهيان، جيڪا ايڏي تہ وڏي قوم آهي جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.


اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي قوم بڻايو آهي ۽ تون، اي خداوند! سندن خدا بڻيو آهين.


هن يهوداہ علائقي ۾ پنهنجو مقدس تخت قائم ڪيو، تہ جيئن اتان پوري اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪري.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


اوهين منهنجي ئي قوم آهيو، تنهنڪري جھنگلي جانورن جو ڦاڙيل گوشت نہ کائجو، بلڪ اهو ڪتن کي اڇلائي ڏجو.“


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


جيئن تہ اوهان منهنجيءَ نظر ۾ بيحد قيمتي ۽ معزز آهيو، ۽ منهنجي اوهان سان محبت آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان جي بدلي ۾ امتون، ۽ اوهان جي حياتيءَ جي عيوض قومون ڏيئي ٿو ڇڏيان.


جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.


تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“ ۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو. ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“ ۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.


آءٌ خداوند انهن موٽي آيلن مان ڪن کي ڪاهن ۽ لاوي ٿيڻ لاءِ چونڊيندس.“


جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘


بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


پر جيئن تہ هن ۾ جسماني عيب آهي تنهنڪري هو نہ مقدس جاءِ ۾ داخل ٿئي ۽ نڪي قربان‌گاهہ جي ويجھو اچي. هو منهنجي مقدس خيمي جي بي‌حرمتي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن کي مخصوص ٿو ڪريان.“


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل کي برباد ڪندو تہ خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اها هيڪل اوهين ئي آهيو.


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


آءٌ خداوند عيسيٰ جي نالي اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هي خط سڀني ايمان وارن اڳيان پڙهيو وڃي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan