Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 19:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 19:5
54 Iomraidhean Croise  

پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجو اولاد سڀني پيڙهين تائين منهنجي عهد کي مڃيندا رهجو.


اي خداوند خدا! تو ئي هنن کي ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان چونڊي ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي تنهنجي ميراث ٿين، جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو جڏهن تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو هو.“


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي قوم بڻايو آهي ۽ تون، اي خداوند! سندن خدا بڻيو آهين.


اهڙو ڪير آهي جيڪو ان تي حملو ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگھي؟ بيشڪ سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي.


بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس.


پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“


هو چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجا رب! جيڪڏهن سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پوءِ اي مالڪ! منهنجو عرض آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل، ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو ضدي آهن. تون اسان جا گناهہ ۽ خطائون معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي ميراث بڻائي قبول ڪر.“


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.


تڏهن موسيٰ چيس تہ ”آءٌ شهر کان ٻاهر نڪرڻ شرط دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس. گجگوڙ بند ٿي ويندا ۽ ڳڙا وڌيڪ نہ وسندا، انهيءَ لاءِ تہ ان مان تو کي خبر پوي تہ سڄي ڌرتي خداوند جي ئي آهي.


اي سليمان! تون ڀلي تہ هڪ هزار سڪا وٺ، ۽ باغ جي ميوي سنڀاليندڙن کي ڀلي تہ ٻہ سؤ سڪا وڌيڪ نفعو ملي. پر منهنجو انگورن جو باغ تہ رڳو منهنجو ئي آهي، جيڪو منهنجي اکين اڳيان آهي.


جيڪڏهن اوهين دل وَ جان سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا، تہ پوءِ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اپت کائيندا.


پر اي منهنجا ٻانها بني اسرائيل وارؤ! هائو، اي منهنجا چونڊيل بني يعقوب وارؤ! اوهين منهنجي دوست ابراهيم جي نسل مان آهيو.


پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! مون خداوند اوهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ مون ئي اوهان جي قوم کي قائم ڪيو آهي. هائو، اي بني اسرائيل! ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي ڇڏايو آهي، مون اوهان جو نالو وٺي اوهان کي سڏيو آهي، اوهين منهنجا ئي آهيو.


خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ ”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا، منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


پر مون کين اهو حڪم ڏنو هو تہ ’منهنجي فرمانبرداري ڪريو تہ آءٌ اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان، تنهن تي هلو تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي.‘


پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.


پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.


قادرِمطلق خداوند ٿو فرمائي تہ ”منهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي اهي منهنجي قوم، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا ۽ آءٌ مٿن اهڙو مهربان ٿيندس جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون ئي آهن.“


پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو.


ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي.


برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“


جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“


اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan