Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 19:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا، ۽ بيابان ۾ لهي پيا؛ ۽ اسرائيل اُتي، جبل جي سامهون، منزل ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 19:2
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


اهي اڃا رفيديم ۾ ئي هئا تہ عماليق قوم وارا آيا ۽ بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪيائون.


موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.


چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن. انهن مان هڪڙي عورت هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري عهد مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan