Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 19:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيمي‌گاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 19:16
31 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند آسمان کي چيري اچي نازل ٿيو، هن جي پيرن هيٺان طوفاني ڪڪر هئا.


ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي ڪري عبادت نہ ڪري سگھيا، ڇاڪاڻ تہ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي هئي.


اهو ڪير آهي، جنهن مينهن وسائڻ لاءِ آسمان مان رستو ٺاهيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو آهي؟


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.


ٻُڌو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ٻُڌو.


سندس وِڄ ايڏو تہ چمڪاٽ ٿي ڪري، جو انهيءَ کي ڏسي ڌرتي بہ ڏڪيو ٿي وڃي.


ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.


موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي خدا سان ملائڻ لاءِ خيمن کان ٻاهر وٺي آيو ۽ اهي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺا.


اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ ۽ نفيل جو آواز ٻڌو ۽ وڄ ۽ جبل تان دونهون اٿندي ڏٺو، تڏهن خوف کان ڏڪي ويا ۽ پري وڃي بيٺا.


پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.


تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.


سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ


اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“


خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.


پوءِ ملائڪ اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي قربان‌گاهہ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan