Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 19:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري ٽئين مهيني جي پهرئين ڏينهن تي سينا جي بيابان ۾ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 19:1
16 Iomraidhean Croise  

”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم ايليم مان رواني ٿي. مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ تي سين جي بيابان ۾ اچي پهتا، جيڪو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج.


سو مون انهن کي مصر ملڪ مان ڪڍي بيابان ۾ آندو.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو تہ


تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.


”جڏهن اسين سينا جبل وٽ هئاسين، تڏهن خداوند اسان جي خدا اسان کي چيو هو تہ ’اوهين هن جبل تي گھڻو رهيا آهيو.


خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘


”جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو هو، تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي هئي. تنهنڪري اوهين چڱيءَ طرح خبردار ٿجو،


خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan