Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 18:5 - Muslim Sindhi Bible

5 موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 18:5
10 Iomraidhean Croise  

سو هن اُٿي کاڌو ۽ پيتو. انهيءَ کاڌي جي طاقت سان هو چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون سفر ڪري خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


هن موسيٰ ڏانهن چوائي موڪليو هو تہ ”آءٌ تنهنجو سهرو يٿرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجي پٽن سميت تو وٽ اچي رهيو آهيان.“


ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.


هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.


پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو.


تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“


انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan