Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 18:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هن سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ کنيو. انهن مان هڪڙي جو نالو، موسيٰ هي چوندي ”جيرشوم“ رکيو هو تہ ”آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ وٺي، جن مان هڪڙي جو نالو هن جيرسوم رکيو هو (ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان):

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 18:3
8 Iomraidhean Croise  

موسيٰ جا پٽ جيرشوم ۽ اليعزر هئا.


اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، منهنجا ڳوڙها وهندي ڏسي تون ماٺ ڪري نہ ويهہ. انهيءَ سبب جو آءٌ تنهنجي هن دنيا ۾ ٿوري وقت جو مهمان آهيان. هائو، آءٌ پنهنجي سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.


۽ انهيءَ مان موسيٰ کي هڪڙو پٽ ڄائو جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين، جو چيائين تہ ”آءٌ غير ملڪ ۾ ڌاريو هئس.“


تڏهن موسيٰ پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ اها لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي جنهن لاءِ خدا چيو هئس.


اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


اتي بني دان پنهنجي لاءِ اُهو بت کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ جيستائين اهو ملڪ جلاوطنيءَ وقت ٻين جي قبضي ۾ آيو تيستائين جيرشوم جو پٽ يعني موسيٰ جو پوٽو يونتن ۽ سندس اولاد دان قبيلي جا ڪاهن ٿي رهيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan