Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 18:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 18:12
31 Iomraidhean Croise  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


پوءِ اسحاق اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ خداوند جي عبادت ڪئي. اتي هن پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ پنهنجي نوڪرن کان هڪڙو کوهہ کوٽايائين.


پوءِ اسحاق سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو.


پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ انهن رات اتي ئي گذاري.


هابيل بہ پنهنجي رڍن جا پهريتا ڦر آڻي نذرانو ڏنا. خداوند هابيل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو.


پوءِ انهن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ منجھند جو جڏهن يوسف اچي تہ کيس ڏجي، ڇو تہ کين ٻڌايو ويو هو تہ ”اوهان جي ماني هتي آهي.“


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربان‌گاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين.


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


حزقياہ انهن سڀني لاوين جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جن خداوند جي عبادت ۾ مهارت سان اڳواڻي پئي ڪئي. سڀني ماڻهن عيد جا ست ئي ڏينهن پنهنجو پنهنجو مقرر حصو پئي کاڌو، سلامتيءَ جون قربانيون پئي پيش ڪيائون ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ پئي ڪيائون.


سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو.


تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.


تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بي‌عقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“


ٻئي ڏينهن موسيٰ ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ ويٺو ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين سندس چوڌاري بيٺا رهيا.


تہ اتي مديان جي مذهبي اڳواڻ يٿرو جون ست ئي ڌيئرون آيون. اهي کوهہ مان پاڻي ڪڍي ڪونارين کي ڀرڻ لڳيون تہ جيئن پنهنجي پيءُ جي ڌڻ کي پاڻي پيئارين.


تڏهن هن پنهنجي ڌيئرن کي چيو تہ ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.“


اوهين منهنجي لاءِ مٽيءَ جي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهجو. انهيءَ تي پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانين ڪرڻ واسطي پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڏاند ڳئون قربان ڪجو. هر انهيءَ جاءِ تي جيڪا آءٌ پنهنجي عبادت لاءِ مقرر ڪندس، اُتي آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان کي برڪت ڏيندس.


خدا بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نقصان ڪين پهچايو. هنن خدا کي ڏٺو ۽ کاڌائون پيتائون.


هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


موسيٰ تنبو کڻائي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙائيندو هو. انهيءَ تنبوءَ جو نالو ”خدا سان ملاقات وارو تنبو“ رکيو هئائين. جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيندو هو، سو خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ تنبوءَ ڏانهن ويندو هو.


انهيءَ سوڳ دوران مون نڪي دل گھريو طعام کاڌو، نہ گوشت يا مئي چپن تي رکيم ۽ نہ ئي وري ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين اهي ٽي هفتا پورا نہ ٿيا.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“


هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو خدا جي بادشاهيءَ ۾ کائيندو پيئندو.“


يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟


اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


اوهين سلامتيءَ جون قربانيون ڪري اهي اُتي ئي کائجو ۽ خداوند جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan