Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهي اڃا رفيديم ۾ ئي هئا تہ عماليق قوم وارا آيا ۽ بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 17:8
13 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


عيسوءَ جي پٽ اليفز کي تِمنع نالي سريت هئي، جنهن مان کيس عماليق نالي هڪ پٽ ڄائو. اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا.


قورح، جعتام ۽ عماليق. اهي سڀ عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا هئا.


جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.


پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا.


هو بهادريءَ سان وڙهيو ۽ عماليقين کي بہ شڪست ڏنائين. هن بني اسرائيل کي ڦر ڪرڻ وارن جي هٿان ڇڏايو.


خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ’جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪتا هئا، تڏهن عماليقي ڪيئن نہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ رستي ۾ اچي بيٺا هئا. سو هنن جيڪي بني اسرائيل سان ڪيو هو تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan