Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 17:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”بني اسرائيل جي ڪجھہ اڳواڻن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي اها لٺ، جيڪا تو نيل درياءَ تي هنئي هئي، سا بہ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ماڻهن جي اڳيان ٿي هل.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 17:5
8 Iomraidhean Croise  

تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


تون پنهنجي لٺ کڻي پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھير تہ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي، تہ جيئن بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي وڃن.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘


اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan