Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 17:12
15 Iomraidhean Croise  

جيڪي منهنجو پيڇو ٿا ڪن، تن کي پنهنجو ڀالو ۽ ڪهاڙي ڏيکار. تون مون کي اهو چئي تسلي ڏي تہ تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.


جيستائين موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي کنيو ٿي رهيو، تيستائين بني اسرائيل غالب پئي ٿيا، پر جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب پئي ٿيا.


تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني.


اڳواڻن کي چيو تہ ”جيستائين اسين موٽي اچون تيستائين اوهين هتي اسان جو انتظار ڪجو. هارون ۽ حور اوهان سان گڏ آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي بہ ڪو معاملو هجي تہ اهو هنن وٽ کڻي وڃي.“


اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين دعائن جي وسيلي اسان تي فضل ٿي ويندو، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو خدا جو شڪرانو ڪندا.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي مليل روح جي مدد سان آءٌ قيد مان ڇڏائجي ويندس.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan