Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 17:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 17:1
8 Iomraidhean Croise  

پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين.


پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم ايليم مان رواني ٿي. مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ تي سين جي بيابان ۾ اچي پهتا، جيڪو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي.


اهي اڃا رفيديم ۾ ئي هئا تہ عماليق قوم وارا آيا ۽ بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪيائون.


هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.


جيئن تہ قادش ۾ قوم جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو، سو ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي خلاف وٽن اچي گڏ ٿيا.


جڏهن ڪڪر خيمي تان کڄي ويندو هو تڏهن بني اسرائيل ان جي پٺيان منزل کڻي هلندا هئا ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو انهيءَ جاءِ تي هو منزل ڪندا هئا.


مطلب تہ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا ۽ خداوند جي ئي حڪم تي هو منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي معرفت کين ملندو هو سو هو مڃيندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan