Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 16:3 - Muslim Sindhi Bible

3 کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 16:3
32 Iomraidhean Croise  

تڏهن بادشاهہ جي حالت خراب ٿي ويئي. پوءِ هو انهيءَ ڪمري ڏانهن جيڪو دروازي جي مٿان هو، روئندو ويو ۽ هيئن چوندو ويو تہ ”او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! هاءِ منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ ابي‌سلوم! شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو. هاءِ منهنجا پٽ ابي‌سلوم! او منهنجا پٽ!“


تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجي زبان کولي ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو.


انهيءَ رات تي لعنتون اچن، جو منهنجي ماءُ کي سنڍ نہ ڪيائين، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هجان ئي نہ ها تہ هي سور بہ نہ ڏسان ها!“


جيڪي مصيبت ۾ آهن تن کان حياتي ڇو نہ ٿي کسي وڃي؟ جيڪي زندگيءَ کان بيزار آهن تن کي اها ڇو ٿي ڏني وڃي؟


اُهي بيحد بکايل ۽ اڃايل هئا، ۽ سندن جان بلڪل ماندي ٿي پيئي هئي.


بلڪ اهي خدا جي خلاف هيئن بہ بڪڻ لڳا هئا تہ ”ڇا خدا بيابان ۾ اسان لاءِ کاڌو مهيا ڪري ٿو سگھي؟


۽ انسانن کي فرشتن واري خوراڪ کارايائين. هن انهن ڏانهن ايتري خوراڪ موڪلي جيتري اهي کائي ٿي سگھيا.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اتان اسان کي هن رڻ‌پٽ ۾ مرڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو جو اسان کي مصر مان ڪڍي آئين.


پر ماڻهو تمام اڃايل هئا، تنهنڪري موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”تو اسان کي مصر کان هتي انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا تہ اسين، اسان جا ٻار ۽ اسان جو چوپايو مال اُڃ جي ڪري مرون؟“


گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.


بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


هرگز نہ، بلڪ اسين مصر جي ملڪ ۾ وڃي رهنداسين، جتي نہ اسين جنگ ڏسنداسين، نڪي انهيءَ جي نفيلن جو آواز ئي ٻڌنداسين ۽ نہ وري مانيءَ لاءِ بکايل رهنداسين،‘


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.


جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“


بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“


هو موسيٰ ۽ هارون خلاف شڪايت ڪرڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اسين مصر جي ملڪ ۾ يا وري هن بيابان ۾ ئي مري وڃون ها تہ چڱو هو.


خداوند اسان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڇو ٿو وٺي وڃي؟ اسين تہ جنگ ۾ مارجي وينداسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار لُٽ جو مال ٿي ويندا. ڇا اسان جي لاءِ اهو بهتر نہ ٿيندو جو اسين مصر ڏانهن موٽي وڃون؟“


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟


ٻئي ڏينهن بني اسرائيل قوم موسيٰ ۽ هارون جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳي تہ ”اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.“


هو خدا ۽ موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. هو چوڻ لڳا تہ ”ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي، جتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي؟ اسان جي دل کي هن ڪني کاڌي کان ڪراهت ٿي اچي.“


پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ خدا جي در اها دعا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“


واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي بادشاهي ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ بادشاهي ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون ها.


ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي بي‌وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو تہ ڊڄي ويندا، جو صبح جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل سانجھي ٿئي‘ ۽ سانجھيءَ جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل صبح ٿئي.‘


تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.


پوءِ يشوع چوڻ لڳو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! ڇو تو هن قوم کي اردن درياءَ جي پار آندو؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ اسان کي امورين جي حوالي ڪرين؟ يا انهيءَ لاءِ تہ اسين ناس ٿي وڃون؟ جيڪر اسين اردن درياءَ جي هُن ڀر ئي راضي ٿي رهي پئون ها!


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan