Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 16:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 16:12
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


جڏهن هنن کاڌو گھريو تہ هنن ڏانهن ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


انهيءَ وقت خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي فرمايو تہ


پوءِ خداوند چيس تہ ”انهيءَ سان بني اسرائيل اعتبار ڪندا تہ آءٌ خداوند، انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏني آهي.“


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.


تڏهن سڀ ماڻهو هاري توڙي ڌنار پنهنجن ڌڻن سميت يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.


پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ بني اسرائيل منهنجي قوم آهي ۽ آءٌ خداوند ئي سندس خدا ۽ حفاظت ڪرڻ وارو آهيان. اهو منهنجو واعدو آهي.


اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي.


انهيءَ کان پوءِ اڳتي لاءِ بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


سو اوهين پاڻ کي انهن سان پليت نہ ڪجو بلڪ پاڻ کي پاڪ ڪري منهنجي لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڻ پاڪ آهيان.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟


”هيءَ بڇڙي قوم جيڪا منهنجي خلاف شڪايتون ڪري ٿي، تنهن کي آءٌ ڪيستائين برداشت ڪريان؟ بني اسرائيل منهنجي خلاف جيڪي شڪايتون ڪن ٿا سي سڀ مون ٻڌيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan