Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 16:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 16:10
12 Iomraidhean Croise  

انهيءَ وقت خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي فرمايو تہ


صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“


خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو.


تڏهن موسيٰ چين تہ ”هي آهي اهو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوو اوهان تي ظاهر ٿئي.“


پر اهي چوڻ لڳا تہ ”هنن کي سنگسار ڪريو.“ تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني ماڻهن جي روبرو خدا سان ملاقات واري خيمي مٿان ظاهر ٿيو.


پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.


جڏهن اهي موسيٰ ۽ هارون جي خلاف گڏ ٿيا، تڏهن خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن جو نگاهہ ڪيائون تہ ڇا ڏسن تہ ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو آهي!


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan