Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 15:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو، اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 15:5
12 Iomraidhean Croise  

تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


جڏهن تہ پنهنجي قوم جي انهن مخالفن کي خدا انهيءَ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ايستائين جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ نہ بچايائين.


سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو. اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.


هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي. تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا، جيستائين اي خداوند! تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.


آءٌ ان وقت پيدا ڪئي ويئي هئس، جڏهن اڃا وڏا سمنڊ بہ ڪين هئا، نڪي پاڻيءَ سان وهندڙ چشما ئي هئا.


مگر هاڻ پاڻيءَ جي زور تو کي اونهي سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي. سو تو سان گڏ تنهنجو تجارت وارو مال، ۽ ماڻهن جا ٽولا بہ غرق ٿي ويا آهن.“


”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي سادا سٻاجھا پوئلڳ جن مون تي ايمان آندو آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪندو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.


پوءِ هڪڙي طاقتور ملائڪ جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan