Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 15:2 - Muslim Sindhi Bible

2 منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 15:2
64 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


اي خداوند! ڇڏائجڻ لاءِ آءٌ تنهنجي ئي راهہ پيو نهاريان.


خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. اهو ئي ظالمن جي هٿان منهنجو بچائيندڙ آهي.


انهيءَ زندہ خداوند کي سڳورو چئو، جيڪو منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. شال خدا جي واکاڻ پئي ٿئي!


تو پنهنجي هن مخصوص ڪيل بادشاهہ کي عظيم سوڀون بخشيون آهن، هائو، پنهنجي دائمي شفقت هن مسح ڪيل کي ڏيکاري اٿيئي، يعني مون دائود کي ۽ منهنجي نسل کي، هميشہ هميشہ لاءِ.“


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان وڃي ٻڌاءِ تہ ’منهنجي رهڻ لاءِ گھر بڻائڻ وارو تون ئي آهين ڇا؟


مون تنهنجي لاءِ هڪڙو شاندار گھر جوڙايو آهي، هڪ اهڙو گھر جيڪو هميشہ لاءِ تنهنجو ئي رهندو.“


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن.


اي خدا! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڪندو آهيان، سو تون ماٺ ڪري نہ ويهہ،


بيشڪ خداوند ئي منهنجي طاقت ۽ راڳ آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي.


”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو تو منهنجي دانهن ٻڌي مون کي ڇڏايو آهي.“


”تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس. تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس.“


جيستائين تو خداوند لاءِ ڪا جاءِ حاصل نہ ڪريان، هائو، جيستائين تو يعني يعقوب جي قادر لاءِ گھر نہ اڏيان.“


اي خداوند! اي منهنجا ڌڻي! اي مون کي ڇڏائڻ واري طاقت! جيئن جنگ ۾ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي،


اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس.


انهيءَ زندہ خداوند کي سڳورو چئو، جيڪو منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. شال خدا جي واکاڻ پئي ٿئي!


ڄمڻ جي ڏينهن کان ئي تون مون کي سنڀالين ٿو. جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽ مان نڪتس، تڏهن کان تون منهنجو خدا آهين.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجي عظمت سان تخت‌نشين آهين. اهو تون ئي تہ آهين جنهن کي بني اسرائيل ساراهي ٿو.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


خداوند ئي پنهنجي قوم جي طاقت آهي. هو پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ لاءِ محفوظ قلعو آهي.


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


اوهين مون سان گڏجي خداوند جي عظمت جو بيان ڪريو. اچو تہ اسين هن جي نالي جي واکاڻ ڪريون.


”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


اي منهنجي طاقت خدا! آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس، ڇوجو اي خدا! تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين. تون ئي تہ مون تي دائمي شفقت ڪرڻ وارو آهين.


اسان جو خدا بچائڻ وارو خدا آهي. هائو، موت کان بچائيندڙ رڳو خداوند خدا ئي آهي.


بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. سو اچو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي ساراهہ ڪريون، ۽ سندس تخت آڏو جھڪي کيس سجدو ڪريون.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


تڏهن تون فرعون کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’بني اسرائيل منهنجو پهريتو پٽ آهي.


تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


سچ آهي تہ بت‌پرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين تنهنجو ڇوٽڪارو ڏسي ورتو آهي،


اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري اوهين غير قوم وارا بہ ساڻن گڏ ساڳئي گھر ۾ اڏبا ٿا وڃو، جنهن ۾ خدا پنهنجي پاڪ روح جي ذريعي رهي سگھي.


اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“ تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ذات جي سڄي ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ئي ٿي رهي


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.


سو دشمن لشڪر برساتي نهر قيسون ۾ لڙهي ويو، هائو، اها ئي برساتي نهر جيڪا ڏاڍي قديمي آهي. آءٌ زور سان ڌوڪيندي اڳتي هلنديس،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan