خروج 15:11 - Muslim Sindhi Bible11 اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟ Faic an caibideilSindhi Bible11 اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟ Faic an caibideil |
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.