Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 15:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو. اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 15:10
16 Iomraidhean Croise  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


جنگ سڄي پسگردائيءَ ۾ پکڙجي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن تلوار سان ايترا جوان قتل نہ ٿيا جيترا ٻيلي ۾ مري کپي ويا.


تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


پوءِ جڏهن هو حڪم ڏئي ٿو تہ واءُ گھلڻ لڳي ٿو، برف رجي وڃي ٿي ۽ ندين جو پاڻي وري وهڻ لڳي ٿو.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو، اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


پوءِ مصر جي فرعون کي ’ٻٽاڪي فرعون‘ جي لقب سان سڏيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي هٿان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.“


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


اهي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ سندس حڪم مڃين ٿا.“


اهو بہ ياد ڪريو، جيڪو هن مصر جي لشڪرن سان ۽ سندن گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين سان ڪيو. جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن نہ خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اڇلائي وڌو ۽ کين اهڙو ٻوڙي ماريائين جو اڄ ڏينهن تائين مصري انهيءَ شڪست مان بحال نہ ٿيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan