Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 14:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي پٺتي موٽي مجدال ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تي في‌هخيروت وٽ بعل‌صفون جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي منزل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 بني اسرائيل کي چئُہ تہ پٺتي موٽن ۽ في هخيروت وٽ، مجدال ۽ سمنڊ جي وچ ۾، بعل صفون جي سامهون منزل ڪن، يعني اوهين سمنڊ جي ڪناري تي انهيءَ جي سامهون منزل ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 14:2
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن.


مصري فوج فرعون جي سڀني گھوڙن، گاڏين ۽ سوارن سميت انهن جي پٺيان پيئي. هو اتي اچي پهتا جتي بني اسرائيل سمنڊ جي ڪناري تي في‌هخيروت وٽ، بعل‌صفون جي سامهون منزل ڪيو ويٺا هئا.


خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي يرمياہ! تون مصر ۾ هي اعلان ڪر، بلڪ ان جي شهرن مجدال، نوف ۽ تحفنيس ۾ پڌرائي ڪر تہ ’اوهين جنگ لاءِ سنبري بيهو ۽ تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ توهان جي آس‌پاس وارن کي ڳڙڪائيندي ٿي اچي.


تنهنڪري هاڻي ياد رک، آءٌ تنهنجي ۽ تنهنجي نيل نديءَ جي وهڪرن جي خلاف آهيان. آءٌ مصر ملڪ کي اتر ۾ مجدال قلعي کان وٺي ڏکڻ ۾ اسوان شهر تائين بلڪ اڃا بہ اڳتي سوڊان جي سرحد تائين بلڪل سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


جڏهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو ۽ هو سمنڊ وٽ پهتا، تہ مصرين پنهنجي جنگي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سان ڳاڙهي سمنڊ تائين سندن پيڇو ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan