Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي‌خميري ماني کائجو. خمير واري ماني اوهان وٽ ڏسڻ ۾ بہ نہ اچي ۽ نڪي اوهان جي سرحدن اندر ڪٿي ڪو خمير نظر اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي خميري ماني کائبي، ۽ ضروري آهي تہ ڪابہ خميري ماني تو وٽ ڏسڻ ۾ نہ اچي، نڪي تنهنجين سڀني سرحدن جي اندر تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 13:7
6 Iomraidhean Croise  

خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


ستن ڏينهن تائين اوهان جي گھرن ۾ رڳو بي‌خميري ماني ئي کاڌي وڃي، بلڪ خمير جو نالو ئي نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، پوءِ اهو بني اسرائيل قوم وارو هجي توڙي اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.“


هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“


تنهنڪري اچو تہ عيد ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري مانيءَ مثل آهن.


ستن ڏينهن تائين اوهان جي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن وٽ بہ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي. پهرئين ڏينهن شام جو اوهين جيڪا قرباني ڪريو، تنهن جي گوشت مان ٻئي ڏينهن تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.


عيد فصح جي ٻئي ڏينهن تي هنن پهريون دفعو انهيءَ ملڪ ڪنعان جي پيداوار يعني ڀڳل جَوَ ۽ بي‌خميريون مانيون کاڌيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan