Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڏينهن جي وقت اهو ڪڪر جو ٿنڀو ۽ رات جي وقت باهہ جو ٿنڀو، انهن ماڻهن جي اڳيان ڪڏهن بہ گم ڪونہ ٿيندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 اهو ڪڪر جو ٿنڀ ڏينهن جي وقت، ۽ باهہ جو ٿنڀ رات جي وقت، ماڻهن جي اڳيان اصل ئي گم ڪونہ ٿيندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 13:22
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ مون هڪڙي طاقتور ملائڪ کي آسمان مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


تنهن کان پوءِ خدا جو ملائڪ جيڪو بني اسرائيل جي لشڪر جي اڳيان هلندو رهندو هو، سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. ڪڪر جو ٿنڀو بہ هنن جي اڳ کان نڪري سندن پٺيان آيو.


جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو.


تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.


تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.


جڏهن تہ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي ڏسندي سندن سڄي سفر دوران، ڏينهن جي وقت خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو ۽ رات جي وقت ڪڪر ۾ باهہ رهندي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan