Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 13:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 ۽ خداوند اُنهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾ رستو ڏيکاريندو هو، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ سوجهرو ڏيندو هون، تہ اهي رات ڏينهن پنڌ ڪري سگهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 13:21
21 Iomraidhean Croise  

تو ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي سان سندن رهنمائي ڪئي، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي سان، تہ جيئن جنهن رستي سان انهن کي هلڻو هو، تنهن تي کين روشني ملي.


تڏهن بہ پنهنجي گھڻي رحم جي ڪري، تو هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو. هائو، ڏينهن جو رستو ڏيکاريندڙ ڪڪر جو ٿنڀو، توڙي رات جو رستو ڏيکاريندڙ باهہ وارو ٿنڀو کين ڇڏي نہ ويو.


خدا پنهنجي قوم تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ مٿن ڪڪر ڦهلايو، ۽ رات جي وقت روشنيءَ لاءِ باهہ جو ٿنڀو پڻ موڪليائين.


اي خدا! جڏهن تون پنهنجي قوم جي اڳيان پئي هلئين، هائو، جڏهن تون انهن سان بيابان جي وچ مان لنگھيو هئين،


جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي.


ڏينهن جي وقت تي هن ڪڪر سان سندن رهبري ڪئي، ۽ سڄي رات باهہ جي روشنيءَ سان سندن رهنمائي پئي ڪيائين.


خداوند ڪڪر جي ٿنڀي منجھان ساڻن ڳالهائيندو هو. هن کين جيڪي قاعدا قانون ڏنا تن تي هنن عمل ڪيو.


تڏهن فرعون کين چيو تہ ”هرگز نہ، خداوند اوهان سان هجي بہ تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سوڌو وڃڻ نہ ڏيندس، جڏهن تہ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهان جي نيت خراب آهي.


جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“


اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟


جڏهن هو منزل‌گاهہ مان روانا ٿي ٿيا، تڏهن هر دفعي خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو.


اُهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا. انهن ماڻهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند اسان منجھہ آهين ۽ تنهنجو ڪڪر اسان جي مٿان بيهي ٿو ۽ تون چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ بہ اچين ٿو. ان کان علاوہ اهو بہ تہ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي جي صورت ۾ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان هلين ٿو.


جيتوڻيڪ هن اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي، تان‌تہ اوهان کي خيمن کوڙڻ لاءِ جاءِ لهي ڏئي. هن رات جو باهہ سان ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان جي رهنمائي ٿي ڪئي تہ جيئن اوهان کي رستو ڏيکاري.“


خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بي‌همت ٿيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan