Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري توهين انهيءَ قانون تي مقرر ڪيل وقت تي هر سال عمل ڪندا رهجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تنهنڪري تون انهيءَ قانون تي سال بہ سال ٺهرايل وقت تي عمل ڪندو رهج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 13:10
8 Iomraidhean Croise  

اهو ڏينهن بني اسرائيل کي هميشہ ياد رهي، بلڪ هو ان کي مون خداوند جي عيد جو ڏينهن سمجھي ملهائين ۽ هر سال پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن تي عيد ڪندا رهن.“


اها بي‌خميري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ خاص ڏينهن تي مون اوهان جي سڀني قبيلن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري اوهين پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائيندا رهجو.


اها ئي رات هئي جڏهن خداوند بني اسرائيل کي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو. هيءَ ئي رات آهي جا خداوند لاءِ وقف ٿيل آهي ۽ اها سڄي بني اسرائيل کي سندن سڀني پيڙهين تائين ملهائڻي آهي.


جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ مون خداوند جي لاءِ بي‌خميري مانيءَ جي عيد شروع ٿيندي. ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan