Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 12:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ انهيءَ رات جو، هو انهيءَ جو گوشت پچائي، فطيري مانيءَ ۽ ڪوڙيءَ ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 12:8
20 Iomraidhean Croise  

دستور موجب هنن عيد فصح جا جانور باهہ تي پچايا، پر هنن ڏاندن جون مخصوص قربانيون ديڳڙن، ديڳين ۽ ڪڙاهين ۾ پچايون ۽ پوءِ هڪدم اهي ماڻهن کي ورهائي ڏنائون.


آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.


انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.


ڪوبہ انهيءَ گوشت کي ڪچو نہ کائي، نہ ئي وري ان کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري کائي. پر انهيءَ کي منڍيءَ، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي رکي پچائي کاڌو وڃي.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي‌خميري ماني کائجو. خمير واري ماني اوهان وٽ ڏسڻ ۾ بہ نہ اچي ۽ نڪي اوهان جي سرحدن اندر ڪٿي ڪو خمير نظر اچي.


اوهين منهنجي لاءِ جيڪا جانورن جي قرباني ڪريو، تنهن جو رت، خميري مانيءَ سان گڏ نذر نہ ڪريو، نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهڻ ڏيو.


اوهين منهنجي واسطي ڪيل جانور جي قربانيءَ واري رت سان خميري ماني گڏي نذراني طور پيش نہ ڪجو. اوهين عيد فصح واري جانور جي قربانيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


تڏهن شاگردن سمجھيو تہ هو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.


جڏهن هو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“


خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين اهو گوشت پچائي کائجو. پوءِ صبح جو موٽي پنهنجي رهائش‌گاهہ ڏانهن هليا وڃجو.


اوهين اسان جي ۽ خداوند عيسيٰ جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو پيغام قبول ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan