Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بي‌عيب هئڻ گھرجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 12:5
14 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن سندس ڪٽنب ايترو ننڍو هجي جو سڄو گھيٽو کائي نہ سگھي، تہ پوءِ هو پنهنجي ويجھي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڀاتين جي تعداد موجب هڪ گھيٽو چونڊي. هر هڪ ماڻهوءَ جي کائڻ جي مقدار موجب گھيٽي جو حساب ڪيو وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


ساڳئي ئي ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي لاءِ هڪڙو هڪسالو بي‌عيب گھيٽو بہ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


سائول ٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ مقرر ٿيو ۽ هن ٻائيتاليهن سالن تائين بني اسرائيل تي حڪومت ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan