شهنشاهہ اخسويرس جي شاهيءَ جي ٻارهين سال جي پهرئين مهيني يعني نيسان مهيني ۾ هامان جي مرضيءَ مطابق يهودي قوم کي قتل ڪرڻ واسطي ڏينهن ۽ مهينو چونڊڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو ويو. انهيءَ ڪڻي ۾ ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ نڪتي.
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عيد فصح ملهائڻ لاءِ ابيب جي مهيني کي ياد رکجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ابيب جي مهيني ۾ ئي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.