خروج 12:12 - Muslim Sindhi Bible12 انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible12 ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان. Faic an caibideil |
آءٌ مصر جي بتخانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو.