Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 12:11 - Muslim Sindhi Bible

11 بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ اهو اوهين هن ريت کائجو؛ پنهنجو سندرو ٻڌجو، پنهنجي جتي پيرن ۾ پائجو، پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻجو: ۽ اهو تڪڙ ۾ کائجو: اهو خداوند جو فسح آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 12:11
21 Iomraidhean Croise  

پوءِ بادشاهہ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ عيد فصح ملهائي وڃي، جيئن عهدنامي جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهي.“


جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.


ان کان پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي گھرائي چيو تہ ”اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪٽنب مطابق هڪ هڪ گھيٽو چونڊي ۽ انهيءَ کي فصح جي عيد ملهائڻ لاءِ وڃي ذبح ڪري.


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو، بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو، ۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.


هر سال پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين عيد فصح ملهائي وڃي. انهن ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائيندا تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.


”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي پهرئين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾ خداوند موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو.


پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا.


هوءَ عيسيٰ جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.


پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.


پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عيد فصح ملهائڻ لاءِ ابيب جي مهيني کي ياد رکجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ابيب جي مهيني ۾ ئي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.


جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan