Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 12:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچايو وڃي. پر جيڪڏهن ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ساڙي ڇڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائجو؛ پر باقي جيڪي بچي، سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 12:10
9 Iomraidhean Croise  

موسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڪوبہ ڄڻو انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکي.“


اوهين منهنجي لاءِ جيڪا جانورن جي قرباني ڪريو، تنهن جو رت، خميري مانيءَ سان گڏ نذر نہ ڪريو، نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهڻ ڏيو.


جيڪڏهن انهيءَ مخصوصيت واري گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪجھہ صبح تائين بچي پوي تہ اهو ساڙيو وڃي. اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇاڪاڻ تہ اهو مخصوص آهي.


اوهين منهنجي واسطي ڪيل جانور جي قربانيءَ واري رت سان خميري ماني گڏي نذراني طور پيش نہ ڪجو. اوهين عيد فصح واري جانور جي قربانيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.


جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي.


اها قرباني ساڳئي ڏينهن تي ئي کائي ڇڏجو. انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچائجو. آءٌ خداوند آهيان.


هو انهيءَ کاڌي مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچائين ۽ نہ وري گوشت مان ڪو هڏو ڀڃن. هو عيد فصح ملهائڻ وقت ان جا سمورا قاعدا بجا آڻين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan