Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 12:1
17 Iomraidhean Croise  

پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“


جيڪي بني اسرائيل اتي حاضر هئا تن انهيءَ ڏينهن عيد فصح ۽ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي.


سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.


سو هاڻي تون وڃي پنهنجي ماڻهن کي چئُہ تہ هر ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر ڪا عورت پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گھري وٺي.“


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج.


هر سال پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين عيد فصح ملهائي وڃي. انهن ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائيندا تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي.


”بني اسرائيل مقرر ڪيل وقت تي عيد فصح ملهائڻي آهي.


انهيءَ لاءِ هو هن مهيني جي چوڏهين تاريخ تي سج لهڻ وقت سڀني قاعدن قانونن موجب اها ملهائين.“


تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو عيد فصح ملهائي. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.


فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


هاڻي بي‌خميري مانيءَ جي عيد، جنهن کي عيد فصح بہ چيو ويندو آهي سا ويجھي آئي.


هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan