Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 11:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو هاڻي تون وڃي پنهنجي ماڻهن کي چئُہ تہ هر ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر ڪا عورت پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گھري وٺي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تون هاڻي وڃي پنهنجن ماڻهن کي چئُہ تہ سڀ ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان، ۽ سڀ ڪا زال پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گهري وٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 11:2
16 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.


اهڙيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو.


پوءِ خدا بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آيو، هو اتان سون ۽ چاندي بہ پاڻ سان کنيو آيا، سندن قبيلن مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ڪا ٺوڪر بہ نہ پهتي.


ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


آءٌ هن قوم کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس پوءِ جڏهن اوهين نڪرندا تہ خالي هٿين ڪين نڪرندا.


پر اوهان جي هر ڪا عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کان ۽ گھر ۾ رهندڙ مهمان عورت کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گھري وٺندي. اهي اوهين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي پارائيندا. اهڙيءَ طرح اوهين مصرين کي لُٽي ڇڏيندا.“


تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن جنهن وٽ سون هجي سو اهو لاهي کڻي اچي. سو هنن اهو مون کي آڻي ڏنو. مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.“


انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا.


نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.


ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي.


ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan