Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 10:6
11 Iomraidhean Croise  

سو ائين نہ ٿيندو، اوهين رڳو مرد ماڻهو ئي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها ئي مرضي هئي.“ ان کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون وٽان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويو.


مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.


آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو.


آءٌ تو کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ آءٌ تو تي، تنهنجي نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي ۽ تنهنجي گھرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس. پوءِ مصرين جا گھر ۽ جنهن زمين تي هو رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.


درياءَ ۾ ايترا تہ ڏيڏر پيدا ٿيندا جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گھر ۾، تنهنجي آرام‌گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي ۽ تنهنجي نوڪرن جي گھرن ۾ گھڙي ويندا. اُهي تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ بہ ڪاهي پوندا.


سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


سخت ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، جن سان گڏ وڄ جا ڀڙڪندڙ شعلا بہ هئا. ڳڙا اهڙا تہ بدترين هئا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.


اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.


اهي يروشلم شهر مٿان ڌوڪيندا ايندا، ۽ انهيءَ جي ڪوٽ جي ڀتين تي چڙهي گھرن ۾ گھڙي ويندا. هائو، اهي چورن وانگر درين منجھان گھرن ۾ داخل ٿي ويندا.


ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan