Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 10:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 10:5
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگھير تہ جيئن ملڪ تي ماڪڙ اچي. اها ماڪڙ هر قسم جي ساوڪ ۽ هر ڪا شيءِ جيڪا ڳڙن کان بچي ويئي آهي سان کائي ويندي.“


انهيءَ سڄي زمين کي ڍڪي ڇڏيو، ايتري قدر جو زمين ڪاري ٿي ويئي. انهيءَ سموري ساوڪ ۽ وڻن جا ميوا جيڪي ڳڙن کان بچي ويا هئا سي کائي ڇڏيا، ايتري قدر جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن تي ڪابہ ساوڪ باقي نہ رهي.


جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ياد رک، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ ماڪڙ موڪليندس.


پر عام ڪڻڪ ۽ اعليٰ قسم جي ڪڻڪ جو فصل برباد ڪين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڃا سنگ ئي ڪين ڪيا هئا.


ماڪڙ جي ڪٽڪن مٿان ڪٽڪن اچي فصلن تي حملو ڪيو. پهرئين ڪٽڪ کان جيڪي ڪجھہ بچيو بہ هو تہ اهو وري ٻئي ڪٽڪ اچي ڳڙڪائي ڇڏيو.


آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا.


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan