Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 10:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن تون منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ياد رک، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ ماڪڙ موڪليندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 10:4
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.


سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“


انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“


فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي وچ ۾ تفاوت رکندس. اها نشاني سڀاڻي ظاهر ٿيندي.‘“


سو سڀاڻي هن ئي مهل آءٌ اهڙا سخت ڳڙا وسائيندس، جن جهڙا مصر ۾، ملڪ جي بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


آءٌ خداوند، ائين ڪرڻ لاءِ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ڪريان ٿو.‘“


ٽيون ماڪڙ، جن جو ڪو بادشاهہ ڪونهي، تنهن هوندي بہ اهي ٽوليون ٽوليون ٺاهي ٻاهر ٿيون نڪرن،


آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا.


اوهين ٻنيءَ ۾ گھڻو ٻج وجھندا پر فصل ٿورو ميڙيندا، ڇاڪاڻ تہ ماڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.


انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan