Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 10:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 10:13
11 Iomraidhean Croise  

انهن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ جھولي جا سڙيل ڦٽي نڪتا.


وري جڏهن هن حڪم فرمايو تہ ايترا تہ مڪڙا آيا، جو انهن جو ڪو شمار ئي نہ هو.


اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو.


هن آسمان مان تيز هوا موڪلي. هائو، پنهنجي قدرت سان ڏکڻ اوڀر کان هوا گھلايائين،


هن انهن جي زمين جي پيداوار، هائو، سندن محنت جو ڦل ماڪڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


ٽيون ماڪڙ، جن جو ڪو بادشاهہ ڪونهي، تنهن هوندي بہ اهي ٽوليون ٽوليون ٺاهي ٻاهر ٿيون نڪرن،


پر خداوند سمنڊ تي وڏي زور سان هڪ واءُ موڪليو ۽ ايترو تہ طوفان آيو جو سامونڊي جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


اهي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ سندس حڪم مڃين ٿا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan