Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 10:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن فرعون کين چيو تہ ”هرگز نہ، خداوند اوهان سان هجي بہ تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سوڌو وڃڻ نہ ڏيندس، جڏهن تہ انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اوهان جي نيت خراب آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن هن کين چيو تہ خداوند اوهان سان هجي، جيڪڏهن آءٌ اوهانجن ٻارن ٻچن سوڌو اوهان کي وڃڻ ڏيان تہ ڏسو، اوهان جي نيت خراب آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 10:10
7 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي جو حزقياہ اوهان سان ٺڳي ڪري ۽ اوهان کي گمراهہ ڪري. هن جي ڳالهين تي اوهين اعتبار نہ ڪريو. ڪنهن بہ قوم يا بادشاهت جي ڪنهن بہ معبود کي منهنجي هٿان ۽ منهنجي ابن ڏاڏن جي هٿان پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ جي طاقت ناهي. تہ پوءِ پڪ ڄاڻو تہ اوهان جو خدا بہ اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.“


سو ائين نہ ٿيندو، اوهين رڳو مرد ماڻهو ئي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها ئي مرضي هئي.“ ان کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون وٽان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ويو.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان گڏ وڃن. پر اوهين پنهنجيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هتي ڇڏي وڃو.“


موسيٰ وراڻيس تہ ”اسين سڀ پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن سوڌا وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خداوند جي شان ۾ عيد ملهائڻي آهي.“


ڏينهن جي وقت خداوند انهن جي اڳيان ڪڪر واري ٿنڀي جي وسيلي کين رستو ڏيکاريندو هلندو هو ۽ رات جي وقت باهہ واري ٿنڀي جي وسيلي کين روشني ڏيندو اڳيان هلندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ڏينهن رات پنڌ ڪري سگھن.


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan