6 وقت گذرڻ سان يوسف، سندس ڀائر ۽ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀيئي ماڻهو فوت ٿي ويا.
6 پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.
آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“
اهڙيءَ طرح يوسف هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هنن سندس لاش کي صدين تائين محفوظ رکڻ لاءِ سرهاڻيون لائي تابوت ۾ وجھي مصر ۾ رکيو.
هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي، پر دنيا هميشہ ساڳيءَ ئي طرح قائم رهندي پيئي اچي.
انهيءَ پيڙهيءَ جا سمورا ماڻهو پڻ وفات ڪري پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيا. ان کان پوءِ جيڪا پيڙهي ساماڻي سا خداوند کان ۽ سندس انهن ڪمن کان بيخبر هئي جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيا هئا.