Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 1:22 - Muslim Sindhi Bible

22 تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 1:22
11 Iomraidhean Croise  

ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي.


پوءِ هن مصرين جي دلين کي ڦيريو، تان‌تہ اهي سندس انهيءَ قوم کان نفرت ڪن. هائو، جيئن مصري ماڻهو سندس ٻانهن سان دغابازي ڪن.


کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“


جڏهن هن اهو کوليو تہ ڏٺائين تہ ان ۾ هڪ ڇوڪرو هو جيڪو رنو پئي. کيس انهيءَ ٻار تي رحم آيو ۽ چوڻ لڳي تہ ”هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.“


اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.


فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن.


ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو بادشاهہ جي انهيءَ حڪم جي خلاف‌ورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan