Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 1:14
30 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


هن جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان لڳي هنن کي چيو تہ ”منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.“


هاڻ اي بني اسرائيل قوم! شروع کان ئي دشمنن تو کي جيئن ستايو سو ڀلي تون بيان ڪر تہ


سو انهيءَ مان اوهان کي بہ ملندو، جيڪي لڪي وڃي رڍن جي واڙن ۾ ستا هئا. انهيءَ مال ۾ ڪبوترن جون مورتيون آهن، جن جا پر چانديءَ جا آهن، ۽ انهن جا کنڀ نج سون سان ڍڪيل آهن.“


”اي بني اسرائيل! اوهان جي ڪُلهن تي جيڪو بار هو سو مون لاهي ڇڏيو، مون اوهان جي هٿن کي هاڻي تغارين ڍوئڻ کان ڇڏائي ڇڏيو.


سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.


تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا.


تڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون عبراني عورتن جي داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو پوعاہ هو.


گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.


غريبن مٿان بدڪار حڪمران ائين آهي، جيئن شڪار لاءِ بکايل بگھڙ يا ڦرندڙ رڇ.


هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.


اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.


بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“


هاڻي اها ساڳي ڳالهہ بابل ۾ ٿي رهي آهي، جو اوهان کي قيد ڪيو پيو وڃي. اوهان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هر روز گھڙيءَ گھڙيءَ ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ هڻندي منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


اوهين انهن تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو.


اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.


تيستائين هو انهيءَ نوڪر وانگر پنهنجي مالڪ وٽ رهندو اچي، جنهن جي اجرت سال بسال مقرر ڪبي آهي. اوهان کي اهو خيال رکڻ گھرجي تہ هن جو مالڪ مٿس سختيءَ سان حڪم نہ هلائي.


ڀلي دشمنن جي گھيري جي وقت پنهنجي لاءِ پاڻي ڪٺو ڪر. ڀلي مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرون ٺاهڻ لاءِ ڪالب تيار ڪر، تہ جيئن تنهنجا قلعا مضبوط ٿين.


اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.


فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن.


بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘


پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


هن کين چيو تہ ”مون کي نعوميہ نہ سڏيو، بلڪ مون کي مارہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق منهنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan