Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 1:12
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


تو هنن جو اولاد ايترو تہ وڌايو جيترا آسمان ۾ تارا. تو کين انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي باري ۾ تو سندن ابن ڏاڏن کي چيو هو تہ ’انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.‘


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


خداوند کين وڌائي پنهنجي هڪ وڏي قوم بڻايو، ۽ کين سندن دشمنن کان بہ وڌيڪ زورآور ڪيائين.


بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن.


انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي.


پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.


هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گھڻي وڌي ويئي آهي.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


انهيءَ ڪري هو پاڻ ۽ سندس سڄو راڄ ڏاڍا ڊڄي ويا، ڇو تہ بني اسرائيل تعداد ۾ تمام گھڻا هئا. مطلب تہ موآبين جي مٿان بني اسرائيل جو خوف ويهجي ويو.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان لڳي پئي آهي.“


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan