Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 1:10
13 Iomraidhean Croise  

هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.


پوءِ هن مصرين جي دلين کي ڦيريو، تان‌تہ اهي سندس انهيءَ قوم کان نفرت ڪن. هائو، جيئن مصري ماڻهو سندس ٻانهن سان دغابازي ڪن.


”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بي‌گناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.


ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


سو هاڻي اچ ۽ منهنجي خاطر هنن ماڻهن تي اچي لعنت ڪر، ڇو تہ هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. پوءِ شايد آءٌ انهن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي سگھان. مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي ۽ جنهن تي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.“


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن.


پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan