آستر 9:3 - Muslim Sindhi Bible3 صوبن جي سڀني مختيارن يعني نوابن، گورنرن ۽ شاهي منتظمين يهودين جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ جو رعب تاب مٿن سوار هو. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ پرڳڻن جي سڀني سردارن، ۽ نائبن، ۽ والين، ۽ بادشاهہ جي ڪامورن يهودين کي مدد ڏني؛ ڇالاءِ جو مردڪئيءَ جو خوف مٿن پيل هو. Faic an caibideil |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.