Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 7:4
18 Iomraidhean Croise  

جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هم‌وطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“


قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“


جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“


تنهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کان پڇيو تہ ”اُهو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي اُهو، جنهن ايتري جرئت ڪئي آهي؟“


آستر وراڻيو تہ ”اُهو دشمن ۽ ويري هي بڇڙو هامان آهي.“ تڏهن هامان شهنشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڏاڍو دهلجي ويو.


انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.


انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“


پر جڏهن ان منصوبي جي خبر شهنشاهہ تائين پهتي تہ هن فرمان جاري ڪري يهودين خلاف اها سازش موٽائي هامان جي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هامان ۽ سندس پٽن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ دانيال ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي انهن والين مٿان وزير مقرر ڪيو، تہ جيئن اهي سندن ڪمن تي نگراني ڪن.


اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان ماڻهن کي گهلي سندن وطن کان پري وٺي ويا ۽ کين يونانين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.


پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،


خداوند اوهان کي ٻيڙين ۾ چاڙهي انهيءَ رستي کان مصر ۾ موٽائي آڻيندو، جنهن رستي بابت مون اوهان کي چيو هو تہ اهو وري نہ ڏسجو. اُتي اوهين پنهنجن دشمنن وٽ پاڻ کي غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.“


تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي آهيو. اوهين سڀ هميشہ غلاميءَ هيٺ رهندا ۽ منهنجي خدا جي پاڪ گھر لاءِ ڪاٺيون وڍيندا رهندا ۽ پاڻي ڀريندا رهندا.“


تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو ئي تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي. تون مون سان گڏ صحيح سلامت رهندين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan