Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 7:2
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ شهنشاهہ پڇيس تہ ”اي راڻي آستر، ڪيئن آئي آهين؟ تو کي ڇا گھرجي؟ جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


شهنشاهہ مئي پيئڻ مهل راڻي آستر کي وري چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر. جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


سو شهنشاهہ ۽ هامان راڻي آستر وٽ سندس دعوت کائڻ لاءِ اچي پهتا.


سو شهنشاهہ راڻي آستر کي چيو تہ ”يهودين رڳو سوسن جي شاهي قلعي اندر هامان جي ڏهن پٽن سميت پنج سؤ ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ شهنشاهت جي ٻين صوبن ۾ هنن ڇا ڇا نہ ڪيو هوندو؟ هاڻ تنهنجو ٻيو عرض ڪهڙو آهي؟ اُهو بہ پورو ڪيو ويندو. تون وڌيڪ ڇا ٿي چاهين؟ تنهنجي اها ڳالهہ پڻ قبول ڪئي ويندي.“


هن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“


هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“


ڪپتان انهيءَ جوان کي هٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالهائڻو آهي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan