Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 5:4 - Muslim Sindhi Bible

4 آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت کي سٺو لڳي تہ اڄ اوهان شهنشاهہ سلامت ۽ هامان منهنجي دعوت کائين، جيڪا مون اوهان لاءِ تيار ڪئي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 5:4
10 Iomraidhean Croise  

بي‌عقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.


جيڪڏهن شهنشاهہ مون تي مهر جي نظر ڪئي آهي ۽ شهنشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ گھري ٿو تہ سڀاڻي اوهين شهنشاهہ ۽ هامان مون وٽ ٻيهر دعوت کائڻ لاءِ اچو جيڪا آءٌ اوهان لاءِ تيار ڪنديس. پوءِ آءٌ شهنشاهہ سلامت آڏو پنهنجي خواهش بيان ڪنديس.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


اهي رحمدل ماڻهو ڪيڏا نہ ڀلا آهن! جيڪي خوشيءَ سان ضرورتمندن کي قرض ڏين ٿا، ۽ پنهنجو ڏيتي ليتيءَ جو ڪم سچائيءَ سان ڪن ٿا.


شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.


وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“


تڏهن اسحاق چيس تہ ”کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کاوان ۽ پوءِ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ سو يعقوب اهو کيس ويجھو آڻي ڏنو، جيڪو هن کاڌو. هن پيئڻ لاءِ ڪجھہ مئي بہ آڻي ڏنس، جيڪا هن پيتي.


پوءِ شهنشاهہ پڇيس تہ ”اي راڻي آستر، ڪيئن آئي آهين؟ تو کي ڇا گھرجي؟ جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“


تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”هامان کي جلدي گھرايو وڃي تہ جيئن اسين راڻي آستر جي دعوت ۾ شريڪ ٿيون.“ سو شهنشاهہ ۽ هامان انهيءَ دعوت ۾ شريڪ ٿيا جيڪا آستر سندن لاءِ جھلي هئي.


جڏهن تہ راڻي وشتيءَ اخسويرس جي شاهي محل اندر عورتن جي دعوت ڪئي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan